نيب نوازشريف کي وطن واپسيءَ لاءِ ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

0
110
نواز شريف العزيزيه ڪيس مان به بري ٿي ويو
نواز شريف العزيزيه ڪيس مان به بري ٿي ويو

نيب نوازشريف کي وطن واپسيءَ لاءِ ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي، نيب جي وڪيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نواز شريف جي ضمانتن لاءِ داخل درخواستن جي ٻڌڻي دوران چيو ته ڪو جوابدار عدالت آڏو سرينڊر ڪرڻ چاهي ٿو ته نيب کي اعتراض نه آهي

ان تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اهم رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن توهان کي اهڙيون هدايتون ڏنيون ويون آهن ته پوءِ نيب اپيلن جي پيروي ڇو پيو ڪري؟ توهان کي حفاظتي ضمانت ڏيڻ تي ڪو اعتراض نه آهي، سڀاڻي توهان چوندا ته فيصلو ئي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، توهان نيب چيئرمين کان پڇي وٺو ته اڄ ئي اپيل جو فيصلو ڪري ٿا وٺون

نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته جڏهن اپيل فڪس ٿيندي ته پوءِ هدايتون وٺي دليل ڏينداسين، عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي

نواز شريف جي وطن واپسيءَ کان اڳ سندس وڪيلن پاران العزيزيه، ايون فيلڊ ۽ توشه خانه ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪرايون ويون

 چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بينچ العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ڪيس ۾ نوازشريف جي حفاظتي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي هلائي

نوازشريف جي وڪيل امجد پرويز چيو ته نوازشريف عدالت آڏو سرينڊر ڪرڻ چاهي ٿو