ڪراچي (نمائندن وٽان ) ملير ۾ ايس يو پي ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران مصطفيٰ چانڊيو، منير مگسي، عبدالرزاق شر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان  مظاهرو ڪيو ويو، هوڏانهن ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ جي رهواسين کي لڏائڻ  خلاف قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ تي عوامي تحريڪ جو وفد سجاد احمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پهتو، حيدرآباد اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. ايس يو پي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس ٽي پي جي حيدر شاهاڻي، پ پ شهيد ڀٽو جي ارشاد خاصخيلي، قومي عوامي تحريڪ جي الطاف خاصخيلي سميت ٻين قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ سازش تحت سنڌي ڳوٺن کي ڊاهي غير قانوني طور زمينون بلڊر مافيا کي ڏنيون پيون وڃن ۽ بلڊر مافيا ڄاڻايل زمينن تي رهائشي اسڪيمون جوڙائي اتي ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش پئي ڪري. هن چيو ته غازي ڳوٺ پراڻي سنڌي وسندي آهي جنهن کي پ پ سرڪار مبينا ملي ڀڳت سان بلڊر جي حوالي ڪيو آھي ۽ سرڪار جي اشاري تي روينيو عملي پوليس ساڻ ڪري ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي هئي. جڏهن گهر ڊاهڻ خلاف ڳوٺاڻن سميت سياسي سماجي اڳواڻن مزاحمت ڪئي ته کين تشدد جو نشانو بڻائي عورتن تي سڌا فائر ڪري کين مرڻينگ ڪيو ويو.سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلع سکر پاران عيدن جاگيراڻي، گمبٽ ۾ سڪندر علي چانڊيو، خادم حسين رتڙ، ڪنڌڪوٽ ۾ ايس يو پي، ايس ٽي پي ۽ جساف جسقم پاران دلمراد ڏاهاڻي، اڪرم باجڪاڻي، ڪشمور ۾ شاد کوسو، هدايت الله جکراڻي، ڳڙهي خيرو ۾قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن  گل مصطفي جمالي، شھدادڪوٽ۾ ايس يوپي اڳواڻن حاڪم خان مستوئي، وارھ ۾ سياسي سماجي ڌرين، لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪارڪنن ڊاڪٽر مظهر مغل،

ٺٽي ۾ منور ڀٽو، عمران خشڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو.سن ڀرسان ڳوٺ وڏا ڇڇر  ۾ امام دين ڇڇر، سيوھڻ  ۾ محمد نواز رند، مريد خان بروھي، خيرپورناٿن شاھ  ۾ حسين آزاد لغاري، غلام محمد گاڏھي، ڀان سيدآباد ۾ درياءَ خان لغاري، علي اصغر سولنگي، ماتلي ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس يو پي ڪارڪنن جي وڏي انگ پاران ڪيلاش مڪواڻا، ڪڙيوگهنور  ۾  ايس ٽي پي ، ڪيو اي ٽي ۽ اي جي پي جي ڪارڪنن  هارون شيخ، ڀٽ شاھ ۾ شڪور ناز خاصخيلي، واحد بخش سنگراس، ڄامشورو۾ محمد قمبراڻي، تعلقه اڳواڻ پيربخش سھارڻ احتجاج ڪيو.بدين ۾ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور، عمرڪوٽ ۾  قومي عوامي تحريڪ پاران  گل حسن پلي، نصيرآباد ۾سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ڊويزنل صدر عبدالڪريم چانڊيو، مٺياڻي ۾ ايس يو پي پاران معراج سنڌي، ميرپورخاص ۾ منظور ميمڻ, محمد خان مري، ٽنڊي آدم ۾ ايس يو پي پاران  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.