عيد جو ڏينهن ۽ مُلهه مهانگيون خوشيون

0
176
سياسي سرچاءِ جو مليل موقعو وڃائڻ نه گهرجي!

اڄ سڄي ملڪ ۾ عيد الفطر ملهائي پئي وڃي. عيد خوشين جو ڏڻ آهي. خوشيءَ جو ٻيو نالو عيد آهي. پنهنجن پيارن سان ملڻ ۽ انهن کي عيد جون واڌايون ڏيڻ جو ڏينهن آهي. انهن کي پنهنجي خوشين ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ جو ڏينهن آهي، جن لاءِ خوشيءَ جو لفظ صرف لغت جي ڪتابن ۾ ملي ٿو. جيڪي خوشيءَ جي ذائقي ته پري جي ڳالهه، ان جي حقيقي احساس کان به نا آشنا آهن. عيد کي حقيقي خوشيءَ جو ڏڻ ۽ ڏينهن بنائڻ لاءِ انهن جي سار لهڻي پوندي. اڄوڪي خوشيءَ جي ڏينهن تي اسان پنهنجن پڙهندڙن ۽ سمورن ڏيهه واسين کي عيد جون واڌايون ڏيون ٿا.

هيءَ عيد جڏهن آئي آهي، تڏهن ملڪ شديد آئيني ۽ سياسي بحران جي ور چڙهيل آهي. ملڪ جا ٻه اهم آئيني ادارا هڪ ٻئي سان سڱ اٽڪائي بيٺا آهن. غير يقيني جو غلبو آهي، جنهن سبب خوشين جو ذائقو ئي ڪسارو ٿي ويو آهي. ٻي اهم ڳالهه ساهه نپوڙيندڙ مهانگائي آهي، جنهن زندگيءَ جي تلخي سرس ۽ سوائي ڪري ڇڏي آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته، ڪي ماڻهو ته اهڙا آهن، جن لاءِ سال جا 365 ڏينهن عيد جا ڏينهن آهن. اڻهوند ته پري جي ڳالهه، موسم جي تلخي به انهن جي ڀر مان نٿي گذري، پر اڪثريت اهڙي خلق جي آهي، جيڪي سڄو سال نور نچوئڻ باوجود پنهنجن ٻچن لاءِ خوشيءَ جا ڪجهه پل به خريد نٿا ڪري سگهن. سڄو سال لڙڪ لڙڪ ٽانڪي اهي جيڪي ڪچ ڪوڏيون گڏ ڪن ٿا، انهن کي به مهانگائيءَ جي ڏانئڻ ڳڙڪائي ويندي آهي. هن ڀيري به ائين ئي ٿيو آهي. هن ڏيهه جي ‘معاشي مائي باپ’ عالمي مالياتي اداري جي فرمائش تي مهانگائيءَ جو سونامي آڻي عوام جي جيئڻ جا گس سوڙها ڪيا ويا آهن. شايد صرف ساهه کڻڻ ئي آهي، جنهن تي ٽيڪس لڳڻ باقي آهي. اهڙي مهانگائيءَ ۾ غريبن جي ڪهڙي عيد! خوشيون مُلهه مهانگيون آهن، زندگيءَ جي گهاڻي ۾ چاڪيءَ جي ڏاند وانگر وهڻ باوجود خوشيءَ جا ڪجهه پل خريد ڪرڻ به عام ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي. اها صورتحال صرف هن ڀيري ئي نه آهي، ڪئين ڏهاڪن کان خوشيون هن ديس جو رستو ئي ڀلجي ويون آهن يا وري ٻُنڀيءَ ٻاهران ئي موٽي ٿيون وڃن. ان جو سبب مسئلن جو منجهيل سُٽ آهي، جنهن کي ‘گڊ گورننس’ ذريعي سُلجهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي، ويتر اهو پيچيده ٿيندو پيو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته رڳو گورننس جو معيار بهتر ٿئي، قانون جي عملداري قائم ٿئي ته اڌ مسئلا پاڻمرادو حل ٿي وڃن. مسئلا حل ٿيڻ جو تعلق خوشين سان آهي. هن عيد جي آمد وقت به ڪئين ڊزن مغوي ڀُنگ خاطر اغوا ٿيل آهن، جن جي عيد به پنهنجن گهر وارن، مائٽن کان پري ڌاڙيلن جي ٿاڪن ۾ گذري پئي. ڪئين مغوي ته ڪيترن ئي مهينن کان ڌاڙيلن جي گرفت ۾ آهن، ايتريقدر جو عورتون ۽ ٻارڙا به ڌاڙيلن جي قهر کان بچي ناهن سگهيا، پر پوليس انتظاميا جي نااهليءَ سبب انهن جي بازيابي ممڪن بڻجي نه سگهي آهي. ان کانسواءِ قبيلائي دهشتگرديءَ به تازو ڪيترائي گهر اجاڙي ڇڏيا آهن، پروفيسر اجمل ساوند جي شهادت به سنڌ واسين کي سوڳوار ڪري وئي آهي، انهن گهرن ۾ اڄوڪي ڏينهن تي ماتم هوندو. اڄوڪي ڏينهن تي حڪمران پنهنجا بيان جاري ڪري قوم کي عيد جون مبارڪون ڏيندا، پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهن جي ئي طرزِ حڪمرانيءَ سبب ماڻهن جون خوشيون يرغمال بڻجي ويون آهن.

اڄوڪي ڏينهن عيد نماز جا اجتماع ٿيندا، ماڻهو تفريحي ماڳن تي ويندا، جنهن ڪري عوام جي تحفظ ۽ امن امان جي ذميواري به حڪومت جي اولين ترجيح هئڻ گهرجي. سيڪيورٽي جي فول پروف انتظامن کي يقيني بنائڻ گهرجي، ڇو ته قاتل ٽولا ڪنهن انتظامي ڪوتاهيءَ جو فائدو وٺي عيد کي ماتم ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا. اڄوڪي ڏينهن تي انهن جا به لڙڪ اگهڻ جي ضرورت آهي، جن جا ٻچا ڌاريلن جي گرفت ۾ آهن، ڇو ته عيد خوشيون ملهائڻ سان گڏوگڏ خوشيون ورهائڻ جو ڏينهن پڻ آهي.