عورت جج کي ڌمڪائڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ واري استدعا رد

0
164
اسان ڪڏهن ناهي چيو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجو رستو وٺي پر سول ملٽري تعلق ۾ توازن هجڻ گهرجي: عمران خان
اسان ڪڏهن ناهي چيو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجو رستو وٺي پر سول ملٽري تعلق ۾ توازن هجڻ گهرجي: عمران خان

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت عورت جج کي ڌمڪائڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي آهي، عمران خان جي اڄوڪي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست به منظور ڪئي وئي آهي

 ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عمران خان جي وڪيل طبي بنيادن تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست پيش ڪئي

سرڪاري وڪيل درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته عمران خان پنهنجي ئي اسپتال جي رپورٽ لڳائي پيش نه پيو ٿئي، عمران خان جا ضمانتي مچلڪا رد ڪري سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن

 عدالت ڪجهه دير تائين فيصلو محفوظ ڪرڻ بعد سرڪاري وڪيل جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت عمران خان جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 9 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

خواجه آصف سرڪاري زمينن تي قائم گالف ڪلبن جي ماليت ۽ حڪومتي ڪرائي تي سوال اٿاري ڇڏيا