وفاقي سرڪار جو مني بجيٽ جي لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو

0
221
پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو مڪمل طور ٽري ويو: وزيراعظم
پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو مڪمل طور ٽري ويو: وزيراعظم

اسلام آباد: وفاقي سرڪار پاران آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ مني بجيٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ بدران آرڊيننس ذريعي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

حڪومت 170 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳائي 2 سئو ارب روپين کان وڌيڪ اضافي لاءِ مني بجيٽ پيش ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن

Budget 2021-22: Striving for a balanced approach? - Pakistan - DAWN.COM

 پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرضن واري پروگرام جي بحاليءَ لاءِ اڄ کان وڊيو لنڪ ذريعي ورچوئل ڳالهيون شروع ٿينديون، آءِ ايم ايف کي ڳالهين دوران حڪومت جي کنيل قدمن بابت آگاهي ڏني ويندي

 حڪومت بجلي مهانگي ڪرڻ، ڪسان پئڪيج ۽ ايڪسپورٽ شعبي لاءِ سبسڊيز ختم ڪرڻ وارن قدمن بابت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪندي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران ٽيڪسز جي اوڳاڙي وارن مخصوص قدمن کي حتمي شڪل ڏني ويندي

ذريعن موجب ٽيڪس اوڳاڙين جي ڪجهه قدمن بابت آءِ ايم ايف ۽ حڪومت وچ ۾ اڃا تائين اتفاق نه ٿي سگهيو آهي، اڄ کان شروع ٿيندڙ ڳالهين دوران اهي معاملا به نبيريا ويندا

هي به پڙهندا

خواجه آصف سرڪاري زمينن تي قائم گالف ڪلبن جي ماليت ۽ حڪومتي ڪرائي تي سوال اٿاري ڇڏيا