ترڪيه زلزلو: ڪورولش عثمان جو اهم ڪردار اداڪار گهرواري سميت ملبي ۾ دٻجي فوت ٿي ويو

0
1464
ترڪيه زلزلو: ڪورولش عثمان جو

ڪراچي: ترڪيه زلزلي ۾ ڪورولش عثمان جو اهم ڪردار اداڪار گهرواري سميت ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويو آهي

گذريل هفتي ترڪيه ۾ ايندڙ خوفناڪ زلزلي ۾ معروف ترڪ سيريز ڪورولش عثمان ۾ اهم ڪردار نڀائيندڙ اداڪار پنهنجي گهرواري سميت ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويو آهي

جاگدس جانڪايا ۽ ان جي گهرواري زلان ٽگرس به ان هزارن ماڻهن ۾ شامل آهن جيڪي زلزلي جي ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا

پروڊڪشن ڪمپني بوزداغ فلم جي طرفان انسٽاگرام تي جاگدس ۽ ان جي موسيقار گهرواري زلان جي موت جي تصديق ڪئي وئي آهي

پروڊڪشن ڪمپني جي طرفان ٻنهي جي تصوير شيئر ڪئي وئي آهي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ويو آهي ته اداڪار جاگدس جانڪايا گهرواري سميت ترڪيه ۾ ايندڙ زلزلي جي ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويو آهي، گڏوگڏ ان جي مغفرت لاءِ دعا به ڪئي وئي آهي