پاڪستان ۾ صداڪاري ۽ اداڪاري جو هڪ دور پڄاڻيءَ تي پهتو

0
379

ڪراچي: پاڪستان ۾ صداڪاري ۽ اداڪاري جو هڪ دور پڄاڻيءَ تي پهتو، ناليوارو ٽي وي اينڪر، هدايتڪار، صداڪار ۽ لکاري ضياءُ محي الدين لاڏاڻو ڪري ويو

92 سالن جو ضياءُ محي الدين گذريل ڪجهه عرصي کان بيمار هو، اڄ صبح 6 وڳي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، 20 جون 1931 تي فيصل آباد ۾ جنم وٺندڙ ضياءُ محي الدين لنڊن جي رايل اڪيڊمي آف ڊراماٽڪ آرٽ مان اداڪاري جي باقاعده سکيا ورتي، ضياءُ محي الدين پرڏيهه ۾ به فلم ۽ ٿيٽر لاءِ ڪم ڪيو

 1962 ۾ هن هالي ووڊ جي مشهور فلم لارنس آف عريبيه ۾ به لازوال ڪردار ادا ڪيو، پي ٽي وي تان پنهنجي نالي سان شو سميت هن ڪيترائي پروگرام ڪيا، هلال امتياز سميت ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا

 2005 کان 2021 تائين نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس سان باني ۽ سربراهه طور واڳيل رهيو، 2022 ۾ ضياءُ محي الدين شيڪسپيئر جي ڊرامي روميو اينڊ جوليئٽ کي اردو زبان ۾ پيش ڪري شاگردن کي ڪلاسيڪل ٿيٽر به سيکاريو

Zia Mohyeddin, still the vibrant auteur | Pakistani Cinema – Gulf News

 وزيراعظم شهباز شريف جو ضياءُ محي الدين جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته ضياءُ محي الدين جي صلاحيتن ۽ خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا

پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران به ضياءُ محي الدين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار، بلاول چيو ته ضياءُ محي الدين جي لاڏاڻي جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو

وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ضياءُ محي الدين اهڙي شخصيت هو جنهن جي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ واري انداز کي عالمي شهرت حاصل ٿي، مرحوم جون شوبز انڊسٽري لاءِ ڏنل خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون

هي به پڙهندا

ناليوارو شاعر، اديب ۽  ڊراما نگار امجد اسلام امجد لاڏاڻو ڪري ويو