عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ کاروڙو سيد واسي پورهيت گهر ڀاتين سان گڏجي زمين تي بااثر جي مبينا قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي بيکو اوڏ، لڇمڻ اوڏ، ڀيرجي اوڏ، حرمت اوڏ، ڪونجها ۽ ربينه اوڏ الزام هڻندي چيو ته سندن اباڻي زمين تي صوبائي وزير جي ڀاءُ پ پ اڳواڻ سرفراز شاھ زبردستي قبضو ڪري پنهنجا هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، هنن چيو ته گذريل 50 سالن کان اسان پنهنجي ست ايڪڙ زرعي زمين تي ويٺل آهيون، جنهن جو اسان وٽ روينيو رڪارڊ پڻ موجود آهن، هنن چيو ته عمرڪوٽ پوليس بااثر خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي، ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل پ پ اڳواڻ سيد سرفراز شاھ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.