عمرڪوٽ (ن پ ا) 22هون آل سنڌ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ٻيو ڪواٽر ميچ جانباز ٽنڊوآدم ۽ بابا خالد ڪرڪيٽ ڪلب ڪوٽڙي جي وچ ۾ ٿيو، جانباز ٽنڊوآدم ٽاس کٽي بابا خالد ڪرڪيٽ ڪلب ڪوٽڙي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. بابا خالد ڪرڪيٽ ڪلب ڪوٽڙي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 162 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. بابا خالد ڪرڪيٽ ڪلب ڪوٽڙي جو سلمان 51 رنز ٺاھي نمايان رھيو. جانباز ٽنڊوآدم طرفان لياقت علي 3 وڪيٽون ورتيون، جانباز ٽنڊوآدم 162 رنسن جو پيڇو ڪندي 14 اوورن ۾ هدف پورو ڪري ورتو، جانباز ٽنڊوآدم طرفان اڪبر خان 71 ۽ وحيد بروهي 66 رنز ٺاهي نمايان رهيا. اڄ پنجون ڪواٽر فائنل ميچ حيدرآباد ۽ المھراڻ وائيٽ عمرڪوٽ جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.