قاضي احمد (ن پ ا)  سيد اسماعيل شاهه عرف ڍڀڙو شاهه جو ميلي جي ٽئين ڌمال ٿي گذري، سنڌ، پنجاب، ڪوئٽا مان ناليوارن ملهه پهلوانن پنهنجي طاقت جو زور آزمائي انعام حاصل ڪيا، پهرين جوڙ جي پهلوان قربان انڙ ڪوئٽا جي پهلوان حليم پٺاڻ ۽ ملهار شيدي کي ٻئي ملهون ماري خوب داد حاصل ڪيو. جڏهن ته غلام حسين پٺاڻ کي ممتاز سوهو پوئين ملهه ماري انعام حاصل ڪيو. جڏهن ته ٽيڊي شيدي پهلوان آصف زرداري کي ٻئي ملھون ماري انعام حاصل ڪيو. جڏهن ته ٻين ملهه پهلوانن به پنهنجي طاقت جو زور آزمايو. هوڏانهن ڍڀڙو شاهه جي گادي نشين حاجي غلام نبي ٻگهيو پهلوانن کي ڀرپور انعام ڏنو ۽ آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍايا.