مٺي(اسپورٽس نيوز) مٺي ۾ ٿر فلڊ جيپ ريلي جي ڪواليفائيڊ  رائونڊ ۾ 67 گاڏين مان 64 گاڏين کي مقابلي ۾ اهل قرار ڏنو ويو آھي ۽  جاري ڪيل نتيجي موجب ريسر ڊرائيورن ٻه ڪلو ميٽر جي ٽريڪ تي پنهنجون گاڏيون ڊوڙايون. جنهن دوران هڪ ريسر نعمان سرانجم هڪ منٽ 14 سيڪنڊن ۾ ٻن ڪلو ميٽرن جو مفاصلو طئه ڪري ڪواليفاءِ رائونڊ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي جنهن کي اڄ ٿيندڙ ريس ۾ اسٽاڪ ڪيٽيگري جي ريس ۾ پهريون نمبر ڏيئي سڀني کان پهرين 107 ڪلو ميٽرن جي ٽريڪ تي روانو ڪيو ويندو. ڪواليفائنگ ريس ۾ جن ڊرائيورن حصو ورتو تن ۾ عثمان فضل، چوڌري سعود مجيد، سلطان بهادر عزيز، علي اڪبر لغاري، غضنفر آغا، ميڊم مهم شيراز قريشي، شاهزيب شاهواڻي، علي مگسي، عمر ڪانجو، شاهزيب قريشي، صاحبزاده سلطان، سلطان ڌرماڻي، مير بيبر رند، سرفراز ڌنجي، حاجي خان مهر، اعجاز نون، فيروز خان، دينا پاٽيل ۽ ٻين به حصو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ارباب لطف الله چيو ته ٿر فلڊ جيپ ريس ۾ حاصل ٿيندڙ سمورن انعامن جي رقم سنڌ رليف فنڊ ۾ جمع ڪرائي ويندي جنهن سان ٻوڏ متاثرن جي هرممڪن مدد ڪئي ويندي.