ڪراچي(اسپورٽس نيوز) سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن جي هدايت تي پنجين سنڌ ڪاليج گيمز جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. پهريون مرحليون 15 جنوري 2023 تي شروع ٿيندو،  ٻيو مرحلو 04 فيبروري 2023 کان ۽ فائنل مرحلو  14 فيبروري 2023 تي ٿيندو. سمورا علائقائي ڊائريڪٽرز ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته سمورين ميچز جي شيڊيول سان گڏوگڏ وينيو ۽ چيف گيسٽس جي فهرست 10 جنوري 2023ع تائين سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن تائين پهچي وڃي.