ڪراچي (اسپورٽس نيوز) سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) طرفان عمران خان اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ ٽرائنگيولر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪئي وئي . ڪرڪيٽ راند ۾ اسٽيوٽا ھيڊ ڪوارٽر اي، بي ٽيمن ۽ ڪراچي ريجن ٽيم حصو ورتو ٽن رائونڊ کان پوءِ فائنل ميچ ڪراچي ريجن کٽي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي.  جڏهن ته اسٽيوٽا ھيڊ ڪوارٽر اي ٻئي نمبر تي رهي ۽ بي ٽيم کٽڻ ۾ ناڪام رھي کٽيندڙ ۽ ھارائندڙ ٽيمن جي حصو وٺندڙ رانديگرن کي ايم ڊي غلام مصطفي سھاڳ طرفان مڊل ۽ ٻيا انعام ڏنا ويا.