عمرڪوٽ:نوجوان بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي آپگهات ڪري ڇڏيو

0
304

عمرڪوٽ (ن پ ا) عمرڪوٽ ڀرسان نوجوان بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ڳوٺ مراد پلي واسي 25 ورهين جو شنڪر ڪولهي بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو، صوفي فقير ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته وارثن لاش کڻڻ کان انڪار ڪيو، پوليس وارثن جا بيان وٺڻ بعد واپس رواني ٿئي وئي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته شنڪر ڪولهي جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو.