احساس ڪفالت پروگرام ۽ بدانتظامي

0
723
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ جا ماڻهو حڪمرانن جي غلط پاليسين، ناجائزين ۽ ڪرپشن جو ڪري ايترا مجبور آهن جو پنهنجي ۽ خاندان جي ٻن ويلن جي پورت لاءِ به پنهنجي عزت نفس کي داءُ تي لڳائي تشدد سهڻ لاءِ به تيار ٿي ٿا وڃن.بيمار،وڏي عمر واريون عورتون نٽهڻ اس ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطار ۾ بيهي بيهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جنهن جو هاڻي نالو وفاقي حڪومت احساس ڪفالت پروگرام رکيو آهي ان جي قسط وٺڻ لاءِ ڪيترا مرحلا طئي ڪري ڪيئن اها رقم حاصل ڪن ٿيون اهي لقاءُ ڏسي لڱ ئي ڪانڊارجي وڃن ٿا پر غلط پاليسيون ۽ غلط فيصلا ڪري عام ماڻهو کي انهن حالتن تائين پهچائڻ وارن حڪمرانن ۾ رڳو ايتري به اهليت يا قابليت ناهي جو اها رقم ورهائڻ جو ڪو مناسب بندوبست ڪن جنهن سان انهن عورتن کي ڪا تڪليف ڪا ڏکيائي نه ٿئي پر جيڪڏهن حڪمرانن کي عام عوام جو ايترو فڪر هجي ها ته انهن کي اهڙي حالت تائين پهچائڻ ئي ڇو ڏين ها.
سنڌ جي هر شهر مان تقريبن روز اهڙا لقاءَ خبرن جي صورت ۾ روايتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي نظر اچي رهيا آهن جنهن ۾ هڪڙي سينٽر ٻاهران هزارين عورتون ننڍڙا ٻارڙا کڻي نٽهڻ اس ۾ بک اڃ تي سڄو ڏينهن هجوم جي صورت ۾ بيٺيون آهن ڪٿي ڪي پوليس وارا کين لٺين سان ڪٽي رهيا آهن ته ڪٿي ڪي انهي احساس ڪفالت پروگرام جا عملدار ڌڪا ٿاٻا پيا ڏيندا آهن ته ڪٿي ايجنٽ مافيا پئسا وٺرائي ڏيڻ عيوض هزار ٻه هزار رپيا ڪٽوتي ڪرڻ لاءِ پيا بليڪ ميلنگ ڪندا آهن.جڏهن ته ڪٿي به ڪو انتظام نظر نه ايندو آهي نه اهي پئسا ورهائڻ لاءِ ڪو ذميوارن ڪنهن مناسب حڪمت عملي تحت انتظام ڪيا هوندا آهن .انهي کانسواءِ ڪورونا جنهن تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي انهي کي پکڙڻ کان بچاءُ لاءِ به ڪٿي ايس او پيز تي عمل ٿيندي نظر نه ايندو آهي.احساس ڪفالت پروگرام تحت انهن سينٽرن تان پئسا وٺڻ لاءِ ايندڙ انهن غريب ۽ اٻوجهه عورتن کي ته شايد ئي خبر هجي ته اها ڪورونا ڪيتري خطرناڪ آهي پر اهي پئسا ورهائيندڙ عملو ،ضلعي انتظاميا يا حڪومت کي ته خبر آهي ته اهڙي طرح پئسا ورهائڻ لاءِ رش سبب ڪيڏي تيزي سان اهو وائرس پکڙجي سگهي ٿو .ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ واحد صوبو آهي جنهن ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد به گهٽ آهي ته اهو وائرس انهي رفتار سان سنڌ ۾ نه پکڙيو آهي پر جيڪڏهن احساس ڪفالت سينٽرن تي اها رش ايئن برقرار رهي ته خطرو آهي ته اهو وائرس گهر گهر نه پکڙجي وڃي، ڇاڪاڻ ته هر شهر ۾ هزارين عورتون تقريبن هر گهر مان انهن سينٽرن تي پهچن ٿيون جيڪڏهن اتي ڪنهن کي وائرس هوندو ته اهو گهر گهر تائين انهن عورتن ذريعي پهچي سگهي ٿو، اڳ ۾ به اهڙا ڪيس ٿيا هئا جنهن کانپوءِ گهڻن شهرن ۾ عارضي طور اهي سينٽر بند ڪيا ويا هئا.موجوده صورتحال کي ڏسي لڳي نه ٿو ته ڪو حڪومتن ،ضلعي انتظاميا يا انهي پروگرام جي عملدارن کي ڪو ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو احساس يا ڳڻتي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته احساس ڪفالت پروگرام ذريعي پئسا ورهائيندڙ لاڳاپيل عملدارن آڏو چئلينج آهي ته اهي هڪ ته سينٽرن جو ماحول اهڙو بڻائن جتي ايندڙ عورتن کي ڪي ڏکيايون پيش نه اچن ٻيو ته انهن ايجنٽن تي نظر رکي وڃي جيڪي اٻوجهه عورتن کي بليڪ ميل ڪري انهن جي رقمن مان ڪٽوتي ڪري رهيا آهن جڏهن ته سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته ڪورونا کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي،يا وري انهن سينٽرن کي مختلف حصن ۾ ورهايو وڃي ته جيئن سڀئي مستحق هڪ هنڌ گڏ نه ٿين ۽ فاصلو رکڻ ممڪن بڻجي سگهي ۽ انهن جي عزت نفس به بحال رهي ته ڪنهن تشدد کان به بچي سگهن.