مذهب، رياست ۽ سياست

0
564

هن هفتي بظاهر اوچتو ئي اوچتو اسان جو پيارو پاڪستان سڄو ملڪ ۽ خاص طور پنجاب يرغمال ٿي ويو ۽ رياست گم ٿي وئي. سياست به مذهب کان ايتري خوفزده ٿي وئي آهي جو مجال آهي جو ڪوئي ڪڇي. مذهب جي اوٽ ۾،سياست، رياست ۽ عوام تي ٽي ڏينهن اهي خوفناڪ حملا ٿيا جو نيٺ رياست کي حرڪت ۾ اچڻو ئي پيو. اها گھڻا ڏينهن حرڪتن ۾ رهي ٿي ۽ ڪهڙي قسم جي حرڪت ڪري ٿي، سا ته حال ۽ مستقبل قريب ۾ خبر پئجي ويندي پر في الحال سڀني جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو. رياست جي هڪ اداري جي اهلڪارن جو حال ته ڏاڍو برو ٿيو، ٻيو ڀوڳيو عوام، خاص طور حاڪم صوبي پنجاب جي عوام. اهي به عجيب منظر هئا ته رياست جي هڪ اداري جي حق ۾ زوردار نعرا ٿي لڳا ۽ ٻئي اداري جي اهلڪارن تي بدترين تشدد ٿي ٿيو. الائي ڪهڙي ماجرا هئي؟ پر جيڪي به ٿيو پئي مذهب جي اوٽ ۾ پئي ٿيو.
خوف جي فضا ايتري ته ڇانئجي وئي آهي جو دوست چون ٿا ته مذهب جي معاملي تي نه ڳالهايو نه لکو!!! خوف جي فضا مان نڪري هوش جي دنيا ۾ اچو ته ڇا ڪنهن به مسئلي جو اهو حل هوندو آهي ڇا ته واريءَ ۾ منهن لڪائي ويهي رهجي. ان اميد سان ته خطرو سِر تان ٽري ويندو. اسان گذريل ٽيهن سالن کان اهو ئي رويو اختيار ڪيو آهي ۽ جڏهن به واريءَ مان منهن ڪڍيو آهي ته خطرو سِر کان ٽريل نه وڌيل ئي نظر آيو آهي ۽ هاڻي ته ماڳهين ڳاٽو ٿو ڀڃي،پر اسان جي روش اڃان به ساڳي آهي. خوف ۽ خود فريبيءَ جي ماريل. اسان کي خوف ۽ خود فريبيءَ جي جهان مان نڪرڻو پوندو. اسان کي واريءَ مان منهن ڪڍي، کليل ۽ آزاد هوا ۾ ساهه کڻڻ جو خطرو سر تي کڻڻو ئي پوندو. آزادي، عزت ۽ وقار سان جيئڻ جي بس اها ئي هڪ واٽ آهي.
اسان کي زندگيءَ جي فلسفي کي سمجھڻو پوندو. فلاسافي اسان جي فڪر ۽ عملي زندگيءَ جو آئينو آهي. ڪا به رياست ناهي چاهيندي ته سندس رعيت ايتري عاقل بالغ ٿي وڃي جو اها رياست، سياست ۽ مذهب کي فلاسافيءَ جي آئيني ۾ ڏسي ۽ سڃاڻي سگھي. ان طرح ته سڀني جا چهرا خاص طور عوام جو رت چوسيندڙ، قومن کي غلام بڻائيندڙ، ماڻهن کي ذهني طور مفلوج ڪندڙن جا چهرا بي نقاب ٿي ويندا ۽ ماڻهو سجاڳ ٿي ويندا. ان ڪري فلاسافيءَ کي محدود ڪيو ويو آهي چند اعليٰ دماغن تائين جيڪي پاڻ سمجھن ۽ پاڻ ۾ ڳالهائين، جنهن جي لهس به لوڪ کي نه اچي. سرمائيداراڻي رياست به ڏاڍي ڏاهپ سان ڏاهن کي اظهار جي آزادي ڏئي پاڻ انهن جي ڏاهپ مان مستفيد ٿيندي آهي پر عوام کي ان کان ايترو ئي پري رکندي آهي جيترو سياسي شعور کي ته جيئن مهل تي اهي ماڻهن مان ڦري سندن استعمال جي شيءَ بڻجي وڃن ۽ ڪت خلق کي، جرمن فلسفي نٽسي جي ٻوليءَ ۾ ڪروڙين ڪيڙن مڪوڙن کي جيڏانهن چاهين تيڏانهن هڪلين. اڄ هن تي هلان سڀاڻي هُن تي. اڄ هن ملڪ ۽ مسلڪ تي حملو، سڀاڻي ڪنهن ٻئي تي. ماڻهو نه هجن روبوٽ هجن. حڪم جا غلام. ڪمپيوٽر وانگر ذهن ۾ هڪ خاص پروگرام ڀريو ٿو وڃي ۽ پوءِ ڪڏهن ڪي بورڊ جي آڱرين سان ڪڏهن ريموٽ ڪنٽرول سان کين هلايو ٿو وڃي. ذهنن ۾ زهر ۽ فتنو ڀربو ته اهو ئي اوڳاڇيندو پر انسان انسان آهي، نه مشين آهي، نه ڪيڙو مڪوڙو آهي. انسان کي انسان جي اعليٰ رتبي سان جيئڻو آهي ته ان کي انسانذات جي ڪل ميراث جي آگاهي حاصل ڪرڻي پوندي ۽ فلاسافي توهان کي بنا ڪنهن طرفداريءَ جي انسانذات جي سموري ورثي جي آگاهي ڏئي ٿي. اها توهان کي ٻڌائي ٿي ته توهان کي قدرت طرفان جيڪو دماغ مليو آهي ان کي ڪيئن استعمال ڪجي جو اوهان آزاد ۽ اعليٰ ظرف انسان طور زندگيءَ جو ڀرپور لطف ماڻي سگھو. فلاسافي اوهان کي آزاد ڪري ٿي ۽ رياست اوهان کي غلام بڻائي ٿي. فلاسافي اوهان کي سوچڻ سمجھڻ جو ڏانءُ بخشي ٿي جڏهن ته رياست اوهان جي سوچ ۽ فڪر کي هڪ مخصوص دائري ۾ قيد ڪرڻ جا جتن ڪندي رهي ٿي. اها آزاديءَ جي نالي ۾ به اوهان سان وڏا ويساهه گھات ڪري ٿي. رياست جي اها صفت اوهان کي هر رياست ۾ نظر ايندي، جيڪڏهن رياست طرفان پارايل عينڪ لاهي ڏسو ته اوهان کي سڀ ڪجھه صاف نظر اچڻ لڳندو پر ڪا به رياست اهو نٿي چاهي. سو اوهان جڏهن رياست طرفان پارايل عينڪ لاهيو ٿا ته رياست اوهان جي دماغن تي ڪو ٻيو کوپو چاڙهي ٿي ڇڏي ته ڪٿي توهان کي حقيقت هن حال جي نظر نه اچي وڃي. رياست مسلسل ان ڪرت ۾ لڳل هوندي آهي ته جيئن انسان جي سوچڻ سمجھڻ جي لامحدود صلاحيتن کي هڪڙن مخصوص دائرن ۾ سوچڻ تائين محدود ڪري ڇڏي. مذهبي رياستون مذهبي بالادستيءَ جي عينڪ اوهان کي پارائي ڇڏينديون آهن. جمهوري رياستون جمهوريت ۽ آزاديءَ جون علمبردار بڻجي اوهان کي پنهنجي زندگي پنهنجي مرضيءَ سان جيئڻ جو لالي پاپ ڏئي باقي سڄي انسانذات کان اوهان کي غافل ڪري ڇڏينديون آهن ۽ پاڻ پيون دنيا ڀيلينديون آهن ۽ آمرانه رياستون وري اوهان کي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جا سبق پيون سيکارينديون آهن. ڪڏهن مذهب جي نالي ۾ ته ڪڏهن قومي سلامتيءَ جي نالي ۾ ۽ اهو سڀ هو اوهان جي ڀلي خاطر ڪندا آهن. سڄو فريب سڄو ڪوڙ.
بس مقصد هوندو آهي ته اوهان گھڻو ۽ گھڻ طرفو نه سوچيو. قدرت جيڪو اوهان کي دماغ بخشيو آهي جنهن ۾ لطيف چواڻي “ ڪوڙين منجھس ڳڙکيون” آهن سي بند هجن ۽ اوهان جانورن وانگر بنا سوچ سمجھه جي ڪيڙن ماڪوڙن وانگر زندگي گھاريو. جڏهن ته عالم آشڪار سچ اهو آهي ته انسان سوچيندڙ جيو آهي. هر انسان فلاسافر آهي، هر انسان ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي سوچي ٿو ته هيءَ ڪائنات، هيءَ زندگي ڪيئن ۽ ڇو وجود ۾ آئي آهي پر پوءِ هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي ڪرت ۾ لڳي وڃي ٿو ۽ سوچڻ ڇڏي ڏئي ٿو.
فلسفي جي تاريخ جو عظيم ليکڪ ۽ سوچڻ جي لذت مان لطف اندوز ٿيندڙ عظيم انسان ول ڊيوارنٽ زندگيءَ جي فلاسافي بيان ڪندي فلاسافيءَ جون لذتون (Pleasures of Philosophy) ڪتاب جي مهاڳ ۾ اسان کي آزاديءَ سان سوچڻ جي همٿ بخشي ٿو ۽ سرمائيداراڻي دنيا جي ٽڪساٽن ۽ محدود دائرن ۾ جيئڻ ۽ سوچڻ جي خرابين بابت آگاهي ڏيندي چوي ٿو ته : اڄ ڪو به زندگيءَ کي پنهنجي ڪليت ۾ ڪل زندگيءَ جو جائزو نٿو وٺي، تجزيو (analysis) ڇلانگون ٿو ڏئي، نتيجو (Synthesis) پوئتي رهجي ٿو وڃي. اسان کي هر شعبي ۾ ان جي ماهرن کان ڀئه ٿو ٿئي، ان ڪري اسان پاڻ کي مضبوط رکندي يا خاموش رهون ٿا يا مخصوص مهارتن تائين محدود رهون ٿا. هر ڪنهن کي رڳي پنهنجي ڪردار جي خبر آهي پر سڄي ڊرامي ۽ ان جي مقصديت جي ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي. زندگي بظاهر ڀرپور ٿي وئي آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ اها کوکلي ۽ بي معنيٰ ٿي وئي آهي. ول ڊيورانٽ اسان کي دعوت ڏئي ٿو ته غلطي ڪرڻ جي خوف کان آزاد ٿي سوچيو ۽ ماهرن جي رد ڪٿ جي خوف کان به نجات ماڻيو ۽ زندگي جي جامع شڪل ۾ جائزو وٺو اها ئي زندگيءَ جي فلاسافي آهي. اسان کي رياست جي به سڀني مسئلن کي هڪ ڪل جي شڪل ۾ ڏسڻو پوندو. ول ڊيورانٽ جڏهن اسان کي مذهب بابت به سمجھاڻي ڏيڻ چاهي ٿو ته هڪ مذاڪري جو بندو بست ڪري ٿو، جنهن ۾ هڪڙو ائٿيسٽ (منڪر) يعني خدا جي وجود جو انڪاري، هڪڙو اگناسٽڪ (اڻڄاڻ) جنهن کي خدا جي هئڻ يا نه هئڻ جي ڪا به پڪ ناهي، هڪڙي يهودي عورت، هڪڙو ماهر انسانيات (Anthropologist) . هڪڙو چيني، هڪڙو ڪيٿولڪ عيسائي، ٻيو پروٽيسٽنٽ عيسائي، هڪڙو تاريخدان، هڪڙو هندو، هڪڙو يوناني ۽ هڪڙو نفسياتدان ويهاري ٿو ۽ ان کي دعوت ڏئي ٿو ته اهي بيان ڪن ته مذهب ڇا آهي ۽ اهو ڪيئن وجود ۾ آيو آهي. مذاڪري جي ميزبان سڀ کان پهري تاريخدان کي دعوت ڏئي ٿي ته اهي مذهب جون مختلف وصفون بيان ڪري. جن مان چن هي آهن: شليئر مچر مذهب کي مڪمل درومدار رکڻ جي احساس سان ڀيٽي ٿو. هيولاڪ ان کي “سموري عالم سان هڪ ٿيڻ جو ادراڪ” قرار ڏئي ٿو. گلبرٽ مري چوي ٿو ته مذهب “اهو آهي جيڪو اسان جو تعلق عظيم عالمگير قوتن سان جوڙي ٿو.” پروفيسر شاوٽ ويل سمجهي ٿو ته “مذهب ڪجھه نه ناهي سواءِ ڪنهن اڻڄاتل اسرار آڏو جھڪڻ ۽ اطاعت ڪرڻ جي.” جڏهن ته رينان چوي ٿو ته مذهب “انهن رڪاوٽن جو مجموعو آهي جيڪي اسان جي صلاحيتن جي آزاد استعمال آڏو بند ٻڌن ٿيون.”
ٽيلر مذهب کي “روحاني قوتن ۾ يقين جو عقيدو” سڏي ٿو. ماهر انسانيات چوي ٿو ته مذهب مافوق الفطرت قوتن جي عبادت جو نالو آهي. مذهبي انسان سمجھي ٿو ته انسان ۽ قدرت کان مٿانهين ڪا قوت آهي جيڪا انسان ۽ ڪائنات تي ضابطو رکي ويٺي آهي ۽ ان جو رخ متعين ڪري ٿي. ايئن مذهب جي وصف کانپوءِ شروع ٿئي ٿو اهم بحث ته مذهب وجود ۾ ڪيئن آيو. سو معاملو اهو آهي ته فلاسافي اوهان جي دماغ جون اهي سڀ ڳڙکيون کولي ٿي جيڪي قدرت اوهان کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنيون آهن. جن کي رياست ۽ مذهب اوهان کي استعمال ڪرڻ کان ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ روڪي هڪڙن مخصوص دائرن ۾ سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ تي قائل ڪن ٿا ۽ اها سياست ئي آهي جيڪا اوهان کي خود مختيار فيصلن ڪرڻ جوا ختيار بخشي ٿي جنهن ڪري رياست نهن چوٽي جو زور لڳائي ٿي ته اوهان غير سياسي رهو ۽ سياست جي ڪارزار ۾ رڳو اهي ئي قدم رکن جيڪي سندن مفادن جا يعني حاڪم قوتن جي مفادن جا محافظ ۽ نگهبان ٿين. جيڪڏهن اوهان پنهنجي مفادن جو مظلومن جي مفادن جو تحفظ چاهيو ٿا ته اوهان کي سياست ۽ فلسفي جي دنيا ۾ يعني آزاديءَ سان سوچڻ سمجھڻ ۽ عمل ڪرڻ جي دنيا ۾ پير پائڻو پوندو.