اشو آف دي ڊي هڪ پوسٽ سان پي ٽي وي ميزبان جي نوڪري هلي وئي، ذميوار ڪير؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
655

هڪ پوسٽ جي بنياد تي پي ٽي وي جي اينڪر جي مبينا طور نوڪري هلي وئي، جنهن بابت سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون، ارشاد جاگيراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پي ٽي وي ٻولي جو ٻيڙو ٻوڙي رهي آهي، هن وقت پي ٽي وي تي هڪ پروگرام ڏسي رهيو آهيان، خوشي ٿي ته سنڌ جي اڀرندڙ فنڪارن کي به موقعو ڏنو پيو وڃي پر ڏک ان ڳالهه جو ٿيو ته مشهور طرزن تي ڳارايو پيو وڃي، ڪو زمانو هيو جڏهن پي ٽي وي تي ڪابه ڪاپي ڌن نه ڳارائي ويندي هئي ان ڌن ۾ اهو ئي اصلي ڪلام ڳائبو هيو پر هاڻي وقت مٽجي ويو آهي شايد، ٻيو خوشي ٿي ته نون ميزبانن کي به وارو ملي رهيو آهي پر ڏک ان ڳالهه جو ٿيو جو ميزبان کي مونث مذڪر جي ڪا پروڙ ڪونه هئي ڪافي ڀيرا دل کي مذڪر ته آواز کي مونث ڪري اچاريو ويو آهي، بيڪار سوال ڪيا پيا وڃن، سيٽ تي هڪ تصوير به آهي جيڪا مسلسل نظر اچي پئي جيڪڏهن اها تصوير علڻ فقير ڪري لڳائي آهي ته اهو علڻ فقير ناهي. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پي ٽي وي سان تعلق رکندڙ مختيار لغاري لکيو ته غلطي ڪنهن کان به ٿي سگهي ٿي، آئون ذاتي طور ان کي ڏسندس ۽ غلطي جو ازالو به ڪندس، عبدالرئوف ڪنڌر لکيو ته بلڪل توهان صحيح چيو، ڪا به اڪائونٽبلٽي ناهي، پي ٽي وي کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ثاقب ابڙو جي سوال تي ارشاد جاگيراڻي لکيو ته پروگرام جي ميزبان سيرت آسيه ۽ پروڊيوسر انور سادات آهي، زاهد منگي لکيو ته پي ٽي وي تي پروگرام معياري هوندا آهن ارشاد جاگيراڻي اوهان سنڌي شاعري ۽ موسيقي جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي. برڪت نوناري لکيو ته مذڪر مونث جو اچارڻ بدلجن سان ڪا قيامت ڪو نه اچي ويندي آهي جو هڪ نياڻي خلاف ٻڙڌڪ ٻاريو اٿو، ميراڻي شمس لکيو ته پاڻ شاعري چوري ڪري ٿو، حسين حسيني لکيو ته خاميون ۽ خوبيون هر انسان ۾ هونديون آهن، ٻولي اهم آهي، بيدل مسرور لکيو ته آئون شخصي طور سنڌي چينلن ۽ پي ٽي وي جي ڪجهه پروگرامن ۾ مهمان ٿي ويو آهيان، هاڻي پي ٽي وي پروگرام جو به ساڳيو حال آهي، سليم جان لکيو ته پي ٽي وي جا پروڊيوسر سٺا به هوندا آهن ته ڪجهه خراب به هوندا آهن. ايڊووڪيٽ احمد نواز لکيو ته پي ٽي وي سفارشن جي ور چڙهي ويو آهي.محبوب ڳاهو لکيو ته جيڪا تصوير علڻ فقير جي ڄاڻائي وئي آهي اها صادق آباد جي واحد بخش فقير جي آهي. عاشق چانڊيو لکيو ته نجي ٽي وي چينلن تي به ساڳئي حالت آهي. سيرت آسيه بلوچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پي ٽي وي نيشنل جي پروگرام ڀليڪار جو ڊائريڪٽر به اردو ڳالهائيندڙ آهي، سنڌي ٻولي سان واسطو رکندڙ ميزبان سان ناجائزي ڇو؟ ڪنهن جي سنڌي ٻولي تنقيد ڪرڻ وقت ڪجهه سوچيندا آهيو يا وري سنڌي ٻولي جي نالي سازشون ڪرڻ اوهان جي عادت بڻجي وئي آهي. ڪمينٽس ۾ هن وڌيڪ لکيو ته ڪنهن جي چوڻ تي مون کي پروگرام ڪرڻ نه ڏنو ويو، هڪ شخص جي پوسٽ تي هڪدم ردعمل ڏنو ويو؟ ارشاد جاگيراڻي جي پوسٽ تي قدم کنيو ويو، جنهن تي عبدالغني اعجاز لکيو ته ڪجهه ماڻهو مفادن خاطر نقصان پهچائيندا آهن، انهن کي اها خبر ناهي ته نيشنل ميڊيا تي سنڌي ڇوڪري جو پروگرام بند ٿي ويو، سنگر تنوير لکيو ته وضاحت ڪريو ڇا ٿيو آهي، هم سفر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پي ٽي وي ميزبان ڇوڪري جو تلفظ ٺيڪ ڪونهي. مئونث کي مذڪر ٿي پڙهي بلوچ آهي! اها خبر پي ٽي وي جي ڊائريڪٽر يا جي ايم کي تڏهن ٿي پئي جڏهن ارشاد جاگيراڻي صاحب سکر مان ڪراچي آيل پي ٽي وي تي جاب ڪندڙ ميزبان ڇوڪري لاءِ پوسٽ رکي؟ ڇوڪري جي نوڪري وئي ڊائريڪٽر کيس فون ڪري چيو ته سڀاڻي کان ڪم تي نه اچجو، افضل شر لکيو ته ارشاد جاگيراڻي جو پنهنجو پروگرام ٺيڪ آهي؟ سالم علي کوسو لکيو ته ڪنهن به انسان جي مادري ٻولي کان ٻي ٻولي ۾ ڳالهائڻ سان لفظن ۾ فرق ايندو آهي انهي جو اهو مطلب ناهي ته ان جي ڪيريئر کي تباهه ڪيو وڃي ، اهڙي روش کان پاسو ڪيو وڃي، ڪنهن جي به چوڻ تي ڪنهن جو ڪيريئر تباهه نه ڪرڻ گهرجي. حاتم علي سولنگي لکيو ته هڪ ته چينلن تي ڪم ڪندڙ سنڌي ڇوڪريون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون آهن انهن کي به ڪڍرائي بيروزگار ڪيو پيو وڃي.