عمران خان کي قانون جي ڀڃڪڙي تي جواب ڏيڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

0
209
عمران خان کي قانون جي ڀڃڪڙي

ڪراچي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان پاڻ کي عدالتن، قانون ۽ آئين کان مٿانهون سمجهي ٿو، عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙين سبب کيس گرفتار ڪيو پيو وڃي

پرڏيهي وزير  بلاول ڀٽو زرداري هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي چيو ته عمران خان خلاف حڪومت ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، عدالت حڪم ڏنو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي

بلاول ڀتو زرداري جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي قانون جي ڀڃڪڙي تي جواب ڏيڻو پوندو، پيپلزپارٽي سياسي مخالفن کي گرفتار ڪرائڻ ۾ يقين نه ٿي رکي

لاهور سميت سڄي ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ڪالهه کان ٿي رهيو آهي اهو سهي نه پيو ٿئي، عمران خان جا گرفتاري وارنٽ عدالت جاري ڪيا، عدالتي حڪمن تي ان کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، عمران خان قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي

هي به پڙهندا

پوليس ۽ رينجرز جا دستا هڪ ڀيرو ٻيهر زمان پارڪ پهچي ويا، ڪارڪنن جو پٿراءُ، پوليس جي شيلنگ

جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، ان جو مون کي يا منهنجي سياست کي ڪو نقصان نه ٿيندو:عمران خان