جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، ان جو مون کي يا منهنجي سياست کي ڪو نقصان نه ٿيندو:عمران خان

0
177

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، گرفتاري جي ڪوشش سان اهي واعدا پورا ڪيا پيا وڃن جيڪي نواز شريف سان ڪيا ويا هئا

واضح رهي ته عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اسلام آباد پوليس جي ٽيم لاهور پوليس جي وڏي نفري سان گڏ ڪيترن ئي ڪلاڪن سان زمان پارڪ ۾ موجود آهي، جتي ان کي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي طرفان مزاحمت جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهيزمان پارک

ان صورتحال ۾ برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ۾ عمران خان چيو آهي ته مان جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، جيل وڃڻ سان مون کي يا منهنجي سياست کي ڪو نقصان نه ٿيندو

عمران خان چيو آهي ته منهنجي گرفتاري جي ڪوشش سان اهو واعدو پورو ڪيو پيو وڃي جيڪو نواز شريف سان ڪيو ويو هو، نواز شريف پاڻ ٻه ڀيرا ملڪ مان ڊڄي فرار ٿي ويوAsad Umar

هن چيو ته منهنجي گرفتاري ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پارٽي هلائيندي، گهر جي ٻاهران حمايتي حفاظت جي لاءِ موجود آهن، ماضي ۾ پارٽي اڳواڻن کي کنيو ويو ۽ مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو ويو

هي به پڙهندا

پوليس مونکي گرفتار ڪرڻ آئي آهي: عمران خان جو وڊيو بيان