پوليس ۽ رينجرز جا دستا هڪ ڀيرو ٻيهر زمان پارڪ پهچي ويا، ڪارڪنن جو پٿراءُ، پوليس جي شيلنگ

0
167
پوليس ۽ رينجرز جا دستا هڪ ڀيرو ٻيهر زمان پارڪ پهچي ويا، ڪارڪنن جو پٿراءُ، پوليس جي شيلنگ
پوليس ۽ رينجرز جا دستا هڪ ڀيرو ٻيهر زمان پارڪ پهچي ويا، ڪارڪنن جو پٿراءُ، پوليس جي شيلنگ

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ لاهور ۾ پوليس ۽ رينجرز جي زمان پارڪ ڏانهن اڳڀرائي جاري آهي، پوليس ۽ رينجرز جا دستا هڪ ڀيرو ٻيهر زمان پارڪ پهچي ويا، ڪارڪنن پاران شديد پٿراءُ ڪيو ويو، جواب ۾ پوليس پاران شيلنگ جو سلسلو جاري آهي

عمران خان کی ممکنہ گرفتاری: پولیس اور پی ٹی آئی کارکنان کے درمیان جھڑپیں، ڈی آئی جی سمیت 64 افراد زخمی

 مزاحمت ڪندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي ٻئي ڏينهن به شيلنگ ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران پوليس ۽ رينجرز تي پٿراءُ ڪيو پيو وڃي، پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ سموري رات چڪرين جو سلسلو جاري رهيو

زمان پارڪ ۾ پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ جهڙپون جاري آهن، پوليس ۽ رينجرز جا دستا زمان پارڪ ۾ عمران خان جي ويجهو پهچي ويا آهن، پوليس ۽ رينجرز کي شديد مزاحمت جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي

ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته چڪرين دوران 64 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، زخمين ۾ 54 پوليس اهلڪار ۽ آفيسر به شامل، اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته اڄ عمران خان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندوعمران خان

جڏهن ته زمان پارڪ ڪالهه کان جنگ جو ميدان بڻيل آهي، پوليس جي شيلنگ ۽ هوائي فائرنگ ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، شيلنگ سبب سڄو علائقو متاثر ٿيو آهي، ڪارڪنن جي پٿراءُ ۾ به ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن

هي به پڙهندا

عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو، ڏسنداسين ته ان جا ڪهڙا نتيجا ٿي سگهن ٿا: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، ان جو مون کي يا منهنجي سياست کي ڪو نقصان نه ٿيندو:عمران خان