صنعان قريشي جي گهر تي فائرنگ: سنڌ سراپا احتجاج

0
388

ڪراچي: جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گهر تي فائرنگ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون آهن

صنعان قريشي جو چوڻ آهي ته پوليس جي وردي  پهريل هٿياربندن رات دير سان گهر مٿان سڌي  فائرنگ ڪئي، هيٿاربند 8 گاڏين ۾ سوار هئا،گولين جا خول به هٿ ڪيا ويا آهن

 جسقم چيئرمين تي گهر تي فائرنگ خلاف ڪنڊيارو، تنگواڻي، ميروخان، فيض گنج، ٺل، ڪنري ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪياو يا

جسقم پاران لاڙڪاڻو، دادو،ڪنڌڪوٽ، ٺل، ڪنري، ڀٽ شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا

اڳواڻن گهر ڪئي آهي ته جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گهر تي فائرنگ ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

رتوديرو ۾ صنعان خان قريشي جي گرفتاري خلاف ٽائرن کي باهيون