عمران خان رميز راجا کي پي سي بي چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو

0
284

وزيراعظم عمران خان قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان رميز راجه کي چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم آفيس رميز راجه کي فون ڪري پي سي بي چيئرمين بڻائڻ جو اطلاع ڏنو.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر رميز راجه پي سي بي چيئرمين بڻائڻ جي تصديق ڪندي چيو ته پي سي بي چيئرمين بڻجڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي.

هن چيو آهي ته وزيراعظم جي اعتماد تي ٿورائتو آهيان، مون کي عوام جي سپورٽ ۽ دعائن جي ضرورت آهي.

ٻئي پاسي غير ملڪي ويب سائيٽ سان ڳالهائيندي رميز راجه چيو ته پي سي بي چيئرمين جو عهدو قبول ڪيو آهي، بهتري جو حصول منهنجو هدف آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو جي پي ايس تبديل ڪري ڇڏيندس.