سپريم ڪورٽ، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو پاڻمرادو نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو

0
238
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ، صحافين کي هراسان ڪرڻ بابت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو پاڻمرادو نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار رڳو چيف جسٽس وٽ آهي، چيف جسٽس کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ورتل سمورا پاڻمرادا نوٽيس خارج ڪجن ٿا، سپريم ڪورٽ صحافين بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي عدالت 2 رڪني بينچ جو 20 آگسٽ وارو پاڻمرادو نوٽيس خارج ڪيو، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي سفارش ڪري سگهجي ٿي، باقي ڪابه بينچ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڪنهن اٿارٽي کي انڪوائري جو حڪم نٿي ڏئي سگهي،