سنڌ هنگامي بنيادن تي ارسا کان هڪ لک 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهري ورتو

0
148
پنجاب کان سنڌ ڏانهن

ڪراچي: سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي ارسا سان رابطو ڪري پاڻي جو مطالبو ڪيو آهي. آبپاشي کاتي ارسا کي آگاهه ڪيو ته فوري طور تي پاڻي نه مليو ته حالتون بدتر ٿي ويندون، آبپاشي وزير ارسا کان فوري طور تي هڪ لک 30 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهري ورتو آهي، ڄام خان شوري چيو ته ارسا کي چيو آهي ته اسان جي حصي مان بعد ۾ ڪٽوٽي ڪري ڇڏجو، في الحال پاڻي ڏيو. سنڌ جي مطالبي تي ارسا هنگامي اجلاس گهرائي ورتو آهي.