اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي ميگزين دي ايڪانامڪس به ان ڳالهه جي تائيد ڪئي آهي جيڪا اسان عمران نيازي جي حوالي سان پهرين ڏينهن کان چوندا رهيا آهيون، تازو ئي دي ايڪانامڪس ميگزين ۾ لکيو ويو آهي ته ڪيئن عمران نيازي آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جا بکيا اڊيڙيا ۽ ٻوڏ صورتحال کي پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، عمران نيازي پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيو آهي، ٻئي طرف آمريڪا جي پرڏيهي وزير جي سينيئر پاليسي صلاحڪار ديرڪ چوئليٽ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران آمريڪي عملدار ٻوڏ سبب ٿيل جاني توڙي مالي نقصان تي حڪومت پاڪستان ۽ عوام سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم ديرڪ چوئليٽ جو ٻوڏ جي صورتحال دوران پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي ٿورو مڃيو، وزيراعظم کيس ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، گدلو پاڻي استعمال ڪرڻ سان پيدا ٿيلن بيمارين جو امڪاني طور ڦهلاءُ به ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو، هن تباهه ڪندڙ صورتحال ۾ ترجيحي طور تي ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ مصروف آهيون، پاڪستان آمريڪا سان تعلقاتن کي اهميت ڏئي ٿو، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ آمريڪا سان لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، ملاقات دوران علائقائي صورتحال تي به ڳالهايو ويو، وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي افغانستان جي حڪومت سان رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، ڀارت سميت خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان پاران عزم جو اظهار ڪندي  وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن تحت ڪشمير مسئلي جو حل انتهائي ضروري آهي، جوبائيڊن حڪومت پاران ڊيرڪ چوئليٽ پيغام ڏيندي چيو ته آمريڪا ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ چيلينجن ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، آمريڪا اهم مدد به فراهم ڪندو، متاثرن جي زندگين جي بحالي ۽ ٻيهر تعمير ۾ به مدد فراهم ڪئي ويندي.