اسلام آباد: (م ڊ) وفاقي سرڪار تحريڪ انصاف اڳواڻن جو گهيرو تنگ ڪندي عمران خان ۽ شوڪت ترين خلاف قدم کڻڻ تي غور شروع ڪري ڏنو آهي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف آئيني ۽ قانوني لحاظ سان گهيرو تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڳوڻي حڪمران پارٽي جي اهم اڳواڻن خلاف مختلف آئيني ۽ قانوني شقن جو ڄار وڇائڻ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين ۽ ٻين خلاف قدم کڻڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب آئين جي آرٽيڪل 63 جي شق تحت اقتدار اعليٰ، ملڪي سالميت ۽ سلامتي سان گڏوگڏ هٿياربند فوج ۽ عدليه جي تقدس کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ 406 جي تحت ڪارروائي تي غور ڪيو پيو وڃي. پاڪستان پينل ڪوڊ جي شق 406 خيانت ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث شخص خلاف ڪارروائي جو اختيار ڏئي ٿي. ذريعن موجب اڳوڻي ناڻي واري وزير سينيٽر جي حلف دوران خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي صوبائي ناڻي وارن وزيرن کي وفاقي ناڻي واري وزارت سان تعاون نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو. وفاقي حڪومت اڳوڻي ناڻي واري وزير جي ان قدم کي سندس حلف برداري کان ابتڙ قرار ڏئي ٿي.