سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال کي نيون ڀرتيون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران  خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ڪچن ملازمن عبدالوحيد، جنيد ۽ ٻين جي داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، درخواست گذارن جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ميڊيڪل ڪاليج خيرپور انتظاميه ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ بدران سياسي بنيادن تي من پسند ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ چاهي ٿي، ان ڪري ڪچن ملازمن جون نوڪريون داءُ تي لڳي ويون آهن. وڪيل غلام مصطفيٰ جکڙ مطابق عدالت ميڊيڪل ڪاليج خيرپور جي پرنسپل کي نيون ڀرتيون ڪرڻ کان روڪيندي اسٽي آرڊر جاري ڪندي ميڊيڪل ڪاليج خيرپور جي پرنسپل ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 28 فيبروري تي طلب ڪري ورتو