خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ خلاف نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. خبر موجب خيرپور جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي لاڙڪاڻو  ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ سندن خلاف قلم 166 ۽ 175 تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.