نواز شريف رڳو پاڻ کي هاءِ ڪميشن حوالي ڪري، ھُن کي عزت سان ڏيهه واپس آڻينداسين:شھزاد اڪبر

0
191
نواز شريف رڳو پاڻ کي

لاھور (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته نواز شريف رڳو پاڻ کي هاءِ ڪميشن حوالي ڪري، کيس عزت سان ڏيهه واپس آڻينداسين

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته شوگر ملز ڪيس دوران رمضان شوگر ملز ۾ مني لانڊرنگ جو انڪشاف ٿيو آهي، فيصلو ڪيو ويو آهي ته شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪندڙ آهي، پارٽي جي ترجمان جي درخواست تي ڪو به جواب ناهي ڏنو

وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو  ته اها ڳالهه طئه آهي ته شهباز شريف مني لانڊرر آهي، شهباز جي وڏي وزير ٿيڻ سان سندس ٻارن جو ڪاروبار ڏينهن رات ترقي ڪندو آهي، بي نامي اڪائونٽ هولڊرز سندس ملازم هئا، عدالت ۾ ناڪاميون ملڻ بعد شهباز شريف جي ڪوشش آهي ته معاملا خراب ٿين