عامر خان جي فلم “دنگل” جي اداڪاره 19 سالن جي عمر ۾ فوت

0
346

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي سپر هٽ فلم “دنگل” ۾ سندس ڌيءَ ببيتا ڪماري جي ننڍپڻ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره سوهاني ڀٽناگر 19 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي

ڀارتي ميڊيا مطابق ڪجهه عرصو اڳ 19 سالن جي اداڪاره سوهاني ڀٽناگر جي ڄنگهه ۾ فريڪچر ٿيو هيو، جنهن جي علاج لاءِ هن دوائون کاڌيون، انهن دوائن اداڪاره جي صحت تي منفي اثر وڌو، جنهن بعد سندس پوري جسم ۾ پاڻي ڀرجي ويو

سوهاني ڀٽناگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دهلي جي مشهور آل انڊيا انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (ايمس) اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي اداڪاره جو علاج جاري هيو، پر سندس طبيعت سڌري نه سگهي ۽ 17 فيبروري تي صبح جو فوت ٿي وئي، اداڪاره جي اوچتي موتي تي ڀارتي مداحن ۽ شوبز شخصيتن طرفان سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي