جروار ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، پيرسن قتل، 2 ڄڻا زخمي

0
79
پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 سڳا سئوٽ قتل
پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، 2 سڳا سئوٽ قتل

جروار (رپورٽ: علي گوهر گبول) جروار ڀرسان زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، پيرسن قتل ٿي ويو، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

زمين جي تڪرار تان لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ پيرسن قتل ٿي ويو، مقتول جا 2 پٽ پڻ زخمي ٿي پيا

ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺ لڌو ملڪ ۾ گوليون لڳڻ سبب غلام حسين لنڊ ۽ سندس ٻه پٽ  تصوير ۽ لال بخش لنڊ زخمي ٿي پيا، زخمي پيرسن غلام حسين لنڊ سور نه سهندي دم ڏنو، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو