وڊيوز سوشل ميڊيا تي رکڻ جي شوقين ناري موبائل کسجڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏي

0
268

وڊيوز سوشل ميڊيا تي رکڻ جي شوقين ناري مڙس طرفان موبائل کسڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏي

ڀارتي رياست چهتيس ڳڙهه ۾ وڊيوز ۽ ريلز ٺاهڻ جي شوقين شادي شده ناري مڙس طرفان موبائيل فون کسڻ تي دلبرداشته ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي

ڀارتي ميڊيا موجب رچنا ساهو سڄو ڏينهن موبائل تي وڊيوز ۽ ريلز ٺاهيندي هئي، تازو ئي رچنا جي مڙس بهوپيندر زال سان ڪاوڙ ۾ اچي موبائل فون کسي ورتو جنهن جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي ناري ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

جوڙي جي هڪ 5 ورهين جي ڌيءَ به آهي، پوليس جي پهچڻ کان اڳ ئي گهر جي ماڻهن ڇوڪري جو لاش هيٺ لاهي چڪا هئا، پوليس لاش کي اسپتال منتقل ڪيو

پوليس موجب شروعاتي طور تي رچنا جي خودڪشي جو سبب موبائل فون کسجڻ ئي معلوم ٿيو آهي

پوليس موجب جاچ دوران بهوپيندر ٻڌايو ته هو تا.ئلز جو ڪم ڪندو آهي، رچنا سان ان جي شادي کي ڇهه سال ٿي چڪا آهن ۽ ان مان هڪ پنج ورهين جي ڌيءَ به آهي

بهوپيندر ٻڌايو ته رچنا سڄو ڏينهن پنهنجي موبائل فون ۾ مصروف رهندي هئي، گهر جي ڪمن ۽ ٻارن جي سار سنڀال کي به نظرانداز ڪري ڇڏيندي هئي، ان جو سمورو وقت وڊيوز ٺاهڻ ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪرڻ ۾ ئي گذرندو هو

هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا رچنا کي موبائل فون گهٽ استعمال ڪرڻ جو به چيو، جڏهن رچنا انڪار ڪيو ته ڪاوڙ ۾ اچي فون کسي ورتو جنهن بعد رچنا ڌيءَ کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي