لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) برطانيا جي ڪيئر هوم ۾ رهندڙ عورت کي اُن جي ڌاڳي مان ٺهيل سڀ کان ڊگهي زنجير لاءِ عالمي مدد ملي آهي ته جيئن اهو سلسلو جاري رهي ۽ عورت جي تخليق عالمي اعزاز پنهنجي نانءِ ڪري سگهي. لنڊن جي هڪ ڪيئر هوم ۾ رهندڙ 87 سالن جي ايناريڪلي تقريبن نابينا آهي پر پاڻ کي ٽوپو ڏيڻ جي عمل ۾ مصروف رکي فعال رهندي آهي. هن گنيز ورلڊ رڪارڊ لاءِ ٺهيل زنجير لاءِ مقامي ٽوپو ڏيڻ وارن گروپس کان ملندڙ امداد جي فهرست ترتيب ڏني آهي، جتان کيس امداد ملي آهي. فهرست ۾ اها ڳالهه اڳيان آئي آهي ته رڪارڊ ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ نيوزيلينڊ جي هڪ ڳوٺ کان به مدد حاصل ٿي آهي. ايناريڪلي جو چوڻ آهي ته برٿ ڀرڻ ۽ ٽوپو ڏيڻ پسند آهي. اها روزاني ٽوپو ڏيندي آهي، هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اهو گنيز ورلڊ رڪارڊ بڻائڻ جي ڪوشش ڪنديس جنهن ۾ عالمي سهڪار به ملندو. پر هاڻي به مان حيران آهيان ته مونکي جيڪا مدد ملي آهي اها غير معمولي ۽ يقين قابل نه آهي. پهريان ايناريڪلي ۽ اداري وچ ۾ ڪو آرڊينيٽر ڊيبي جيرارڊ جو خيال هو ته اها هڪ وڏو ڪمبل ٺاهي پر بعد ۾ هن فيصلو ڪيو ته اها دنيا جي سڀ کان ڊگهي ڪڙين جي بڻيل زنجير ٺاهيندي.