ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا بشريٰ انصاري سوشل ميڊيا تي هن جي نالي سان هلندڙ جعلي اڪائونٽس خلاف ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم سيل پهچي وئي. پاڪستان جي ڊرامه ۽ فلم انڊسٽري جي مشهور ۽ سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري پنهنجي نالي سان هلندڙ جعلي اڪائونٽس خلاف آواز اٿاريو آهي. هن ٻه ڏينهن اڳ پوئٽر تي پنهنجي نالي سان هلندڙ جعلي اڪائونٽس تان سياسي ڳالهين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. بشريٰ انصاري ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي سائبر رڪائم رپورٽنگ سينٽر ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي سندس نالي سان هلندڙ پيجز ۽ اڪائونٽس خلاف درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. ان حوالي سان سينيئر اداڪارا جو چوڻ هو ته مائيڪرو بلاگنگ ويب سائٽ ٽوئٽر تي منهنجي نالي سان 10 کان وڌيڪ جعلي اڪائونٽس هلي رهيا آهن، منهنجي جعلي ٽوئٽر اڪائونٽ تان اڳوڻي وزيراعظم ۽ چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان خلاف ٽوئٽ ٿيا.