صالح پٽ (رپورٽ: منير احمد مهر) صالح پٽ ويجهو پراڻي دشمنيءَ تان جوابدارن پستول جا فائر ڪري ڳوٺاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، 2 ڄڻا گرفتار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. خبر موجب صالح پٽ لڳ ڳوٺ وينجهڪو ۾ پراڻي خوني تڪرار تان جوابدارن گهر ۾ گهڙي 45 سالن جي غلام قاسم پٽ عبدالمجيد مهر کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. اهڙو اطلاع ملڻ تي صالح پٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال روهڙي مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو. جڏهن ته پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا آهن. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ان باري ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او صالح پٽ علاؤالدين ڦلپوٽي ٻڌايو ته پلاٽ جي مالڪي تان ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي. پوليس موجب مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڇهن کان ستن جوابدارن گهر ۾ گهڙي غلام قاسم کي قتل ڪيو. ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.