شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ ڦر ڪري فرار ٿيندڙ جوابدارن سان مڙسي ڪري مهاڏو اٽڪائي هڪ ڦورو کي سوگهو ڪندڙ پوليس اهلڪار محمد رضا شيخ کي مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان طرفان انعام ڏيڻ ۽ تقريب ۾ مهمان خاص طور گهرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ شھر جي شاهه فيصل ڪالوني ۾ ٻن موٽر سائيڪل سوار جوابدارن هٿيارن جي زور تي اهلڪار کان موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته محمد رضا شيخ سندن پيڇو ڪري مزاحمت بعد هڪ ڦورو کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو هو.