چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ ويجھو ڳوٺ بالاچ لغاري ۾ 2 ڏينھن اڳ چانگ ۽ لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تان جھيڙِي دوران چانگ برادري جا 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جنهن بعد  ٿاڻي تي جلال چانگ جي فرياد تي لنڊ برادري جي رزاق لنڊ سميت 9 ماڻھن خلاف رپورٽ داخل ڪئي وئي هئي، ان حوالي سان جھيڙي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف  چانگ برادري جي مردن عورتن ۽ٻارن پاران ٽنڊوالھيار_ چمبڙ مين روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،  خير محمد چانگ زبير چانگ اصغرچانگ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس جوابدار گرفتار ناهن ڪيا،  نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.