شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور جي سمس اسپتال ۾ او پي ڊي جي ڊيوٽي کان روڪڻ جي معاملي تان بيهوشي واري ڊاڪٽرياڻي ۽ ڊائريڪٽر آمهون سامهون، او پي ڊي جا تالا ٽوڙڻ جي ڪوشش، عملي ۾ منهن ماري، مريضن ۾ ڀاڄ، پوليس طلب، خبر موجب شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز اسپتال اندر او پي ڊي ۾ ڊيوٽي کان روڪڻ تان بيهوش ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي صائمه قاضي ۽ ڊائريڪٽر ڪامران عبدالله سومرو وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، ڊائريڪٽر پاران ڊاڪٽرياڻي کي لکت ۾ او پي ڊيز هلائڻ کان روڪڻ بعد کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، شوڪاز باوجود او پي ڊي هلائڻ تان اسپتال انتظاميا او پي ڊي کي تالا لڳرائي ڇڏيا ۽ ڊاڪٽرياڻي پاران مبينا زبردستي تالا کولرائڻ تان عملي ۾ منهن ماري ٿي پئي، اسپتال ۾ بدنظمي پيدا ٿيڻ سبب علاج لاءِ آيل مريضن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، اطلاع تي پوليس پهچي اسپتال ۾ اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرياڻي صائمه موجب مريض چڪاسڻ جي ڏوهه ۾ سندس او پي ڊي جو سامان ٻاهر اڇلائي زيادتي ڪئي وئي آهي، ڊائريڪٽر شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، جيڪو هن کي اختيار ئي ناهي، 3 ڏينهن او ٽي ۾ ڊيوٽي بعد او پي ڊي هلائيندي آهيان، هن الزام هنيو ته ڊسپينسر، نائب قاصد ۽ ٻيو عملو ايڊمنسٽريشن بلاڪ ۾ ايئرڪنڊيشن رومز ۾ ويهي ڊيوٽيون پيا ڪن، کين سندن جاين تي موڪليو وڃي، ٻئي طرف ڊائريڪٽر سِمس عبدالله ڪامران سومرو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽرياڻي صائمه قاضي جي آپريشن ٿيٽر ۾ بيھوش ڪرڻ جي ڊيوٽي آهي پر هوءَ غير قانوني طور تي او پي ڊي هلائي رهي آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو، حڪم نه مڃڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، ڪاروائي ڪري سندس او پي ڊي بند ڪرائي ته ڊاڪٽرياڻي ۽ ان جي مڙس او ٽي ٽيڪنيشن سليم لغاري ٻاهران ماڻھو گهرائي زبردستي تالو ٽوڙايو، ڊائريڪٽر موجب ڊاڪٽرياڻي او پي ڊي جي آڙ ۾ سمس اسپتال ۾ ويم لاءِ ايندڙ ڳورهارين عورتن کي ڏٽو ڏئي پنهنجي خانگي سينٽر تي ريفر ڪري ڪاروبار ڪري رهي آهي ۽ او ٽي ۾ وقت سر ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ڊاڪٽرياڻي کي هر گز هتي ڪاروبار ڪرڻ نه ڏنو ويندو، ڊائريڪٽر دانهيو ته هڪ سياسي هائوس اسپتال جي حق ۾ هجڻ بجاءِ ڊاڪٽرياڻي ۽ سندس مڙس جي سپورٽ ڪري رهيو آهي، جيڪو عمل اسپتال لاءِ نقصانڪار آهي، سياسي آشيرواڌ سبب ٻئي ڄڻا اسپتال جو ماحول خراب ڪري رهيا آهن، هن موجب پوليس گهرائڻ باوجود ڪا ڪاروائي نه ڪئي وئي، ٻاهران آيل ماڻھن کي نه گرفتار ڪيو ويو ۽ نه ئي رپورٽ درج ڪئي وئي، ڊائريڪٽر سيشن جج، لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ سياسي مداخلت بند ڪرائي ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.