شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) 5 سال اڳ جيڪب آباد ۾ قتل ٿيل صنم عمراڻي جي ڪيس ۾ قيد ڪاٽيندڙ سندس ڀاءُ وڪيل شفقت عمراڻي جي آزادي لاءِ وڪيل برادري، سماجي اڳواڻن سميت عمراڻي برادري ۽ شهرين طرفان رستم موڙ کان پريس ڪلب تائين پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي وڪيل اظهر ميمڻ، بابل عمراڻي، رفيق سڌايو، ڪاشف اڄڻ، اسد الله سومرو، صدام حسين ۽ ٻين چيو ته 5 سال اڳ جيڪب آباد ۾ وڪيل شفقت عمراڻي جي ڀيڻ صنم جو گهر مان لاش مليو. هنن چيو ته وڪيل شفقت عمراڻي مٿان سندس ڀيڻ صنم عمراڻي جي قتل جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي شفقت عمراڻي جي ويڳم ڀائرن ملڪيت ڦٻائڻ جي چڪر ۾ داخل ڪرايو، وڪيل شفقت عمراڻي بيگناهه آهي کيس قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو، 5 سال گذرڻ باوجود ڪيس به نه ٿو هلايو وڃي. ڪيس هلائي جاچ مڪمل ڪئي وڃي، جيئن خبر پئجي سگهي ته اصل قاتل ڪير آهن.اڳواڻن گهر ڪئي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي اصل قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.