لاڙڪاڻو (رپورٽ : شاهه محمد لاشاري ) لاڙڪاڻي جي ڪوثر مل محلي، حيدري محلي، حسين محلي ۽ ٻين علائقن ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب نالين جو پاڻي رستن تي بيٺل آهي. شهرين عبدالوحيد عباسي، عبدالحفيظ عطاري، احمد رضا عباسي، فيضان رضا، خادم ابڙو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪوثر مل محلي، حيدري محلي، حسيني محلي ۽ ٻين علائقن ۾ نالين جو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پوي ٿو، شڪايتن باوجود صفائي نه ٿي ڪرائي وڃي، بيماريون پيدا ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، هنن چيو ته من پسند ماڻهن جي گهرن ۽ گهٽين ۾ صفائي عملو مقرر ڪيو ويو آهي.نوٽيس وٺي نالين جي صفائي ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.