شوبز جوڙن ۾ طلاق وڌي وئي آهي: مومنه اقبال روئي ويٺي

0
80
شوبز جوڙن ۾ طلاق وڌي وئي آهي: مومنه اقبال روئي ويٺي
شوبز جوڙن ۾ طلاق وڌي وئي آهي: مومنه اقبال روئي ويٺي

ڪراچي(شوبزنيوز) ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ اداڪاره مومنه اقبال پاڪستان خاص طور تي شوبز صنعت ۾  طلاق جي وڌندڙ رجحان تي ڳالهائيندي جذباتي ٿي وئي ۽ روئي ويٺي

نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مومنه چيو ته چاهيان ٿي ته منهنجو مڙس جيڪو به ٿئي اهو طبيعت ۾ منهنجي والد جهڙو هجي جيڪو منهنجو ۽ گهرڀاتين جو خيال رکي ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه طلاق جو ريشو به وڌي ويو آهي

هن روئيندي چيو ته مون کي افسوس ٿيندو آهي جڏهن ٻن محبت ڪندڙ دلين کي وڇڙندي ڏسندي آهيان ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته هو منهنجو پنهنجو آهي يا غير آهي

طلاق کانپوءِ عورت پنهنجي اڳوڻي مڙس ۽ مرد پنهنجي اڳوڻي زال لاءِ خراب لفظ استعمال ڪندو آهي بريڪ اپ يا طلاق ان کي سوشل ميڊيا کان پري رکڻ گهرجي. ڳالهه نه ٿي ٺهي ته ڀلي ڌار ٿي وڃو پر خوشگوار نموني. سٺو وقت گڏ گذريو آهي ته ان کان پوءِ دشمني نه رکڻ گهرجي