لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي شوبز انڊسٽري جو ناليوارو سينئر اداڪار شوڪت زيدي 72 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪافي عرصي کان گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ لاهور جي نجي اسپتال ۾ داخل هو. شوڪت زيدي 1970ع کان 1998ع تائين صحافت سان به واڳيل رهيو. هن شاعري به ڪئي ۽ غزل لکيا. هو افسانا به لکندو هو 10 سالن تائين ٿيٽر لاءِ به لکيو. هو نجي ٽي وي جي پروگرام هم سب اميد سي هين ۾ به مختلف ڪردارن ۾ نظر آيو.