ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ ابراھيم سولنگي ۾ ياسين سولنگي جي ميزباني ۾ مشھور ڀاڳئي مرحوم احمد سولنگي جي ورسي جي موقعي تي ڏاندن جي گوءِ جا مقابلا ڪرايا ويا. جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي جڏھن ته محراب پور، خيرپور، دادو، نواب شاھ، ميرپورخاص، ڄام صاحب، نوشھروفيروز، مورو، مٺياڻي سميت ٻين شھرن کان ڏاندن جا شوقين جوڙن جي صورت ۾ پھتا. ياسين سولنگي، جاويد خان جلباڻي، حاجي محمد خان ڌونئرو ۽ ٻين ٻڌايو ته ھر سال ڏاندن جي گوءِ ڪرائيندا آهيون ڏاندن کي گوءِ لاءِ سنڌي گيھ، تيل، ماکي، بادام سميت ٻي خوراڪ کارائيندا آھيون انهن کي وٿاڻن تي پڻ الڳ سان رکيو ويندو آھي. پھريون نمبر انعام حڪيم سولنگي مورو ٻيو نمبر جعفر سولنگي ھالاڻي ۽ ٽيون مير محمد پنھور ۽ محمد قاسم ڌونئرو کي سنڌ جي ثقافت پٽڪي اجرڪ ٽوپين ۽ نوٽن جا ھار پارايا ويا.