شهري اڳوڻي زال کي رقم ڏيڻ بدران ساڍا 7 لک ڊالر ساڙي ڇڏيا، جيل حوالي

0
213

ٽورنٽو: ڪئنيڊا ۾ هڪ شهري اڳوڻي زال کي رقم ڏيڻ بدران ساڍا ست لک آمريڪي ڊالر ساڙي ڇڏيا.پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 55 سالن جي بروس ميڪ ڪونويل گهرو اڻبڻت تان زال کي طلاق ڏئي ڇڏي. عورت طلاق بعد پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ته پيرسن پاران رقم ساڙڻ جو اعتراف سامهون آيو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪئنيڊا جي سپيريئر ڪورٽ جي جج ڪيون فلپس جوابدار کان پڇيو ته ”توهان ٻڌايو آهي ته توهان پئسن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي ته آئون پڇي سگهان ٿو ته توهان انهن سان ڇا ڪيو؟ جنهن تي پيرسن بروس ميڪ ڪونويل عدالت آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته اڳوڻي زال کي پيسا نه پئي ڏيڻ چاهيم انڪري 6 بينڪ اڪائونٽس مان 25 ڀيرا رقم ڪڍي ساڙي ڇڏيم هن چيو ته پهريون ڀيرو 7 لک 34 هزار ڪينيڊين ڊالر ڪڍرائي ساڙي ڇڏيا، ڪجهه ڏينهن بعد وري ۽ 2 لک 96 هزار ڊالرڪڍرائي ساڙي ڇڏيا، هن عدالت کي ٻڌايو ته کيس ان قدم تي ڪوبه ڪوبه پڇتاءُ ناهي. پيرسن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عام طور تي آئون اهڙو انسان ناهيان، جيڪا اهڙي حرڪت ڪريان ۽ نه ئي آئون تمام گهڻو ماده پرست انسان آهيان. آئون هميشه ڪفايت شعار رهيو آهيان ۽ ان ئي سبب مون 31 سالن تائين پنهنجو ڪاروبار ڪيو.جنهن تي جج چيو ته آئون تنهنجي ڳالهين تي يقين نٿو ڪري سگهان، مون کي نٿو لڳي ته تون سچ ڳالهائي رهيو آهين، ڇو ته تو جيڪو ڪجهه سوچي سمجهي ڪيو آهي اهو سراسر تنهنجي ٻارن جي مفاد خلاف آهي. عدالت پيرسن کي بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد جيل اماڻي ڇڏيو، جڏهن ته جج فلپس پيرسن کي اڳوڻي زال کي روزانو 2 هزار ڊالر ڏيڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو.