گهوٽ حادثي ۾ زخمي، ڪنوار اسپتال پهچي وئي، بيڊ تي نڪاح

0
301

وزيرآباد(دلچسپ نيوز) گهوٽ حادثي ۾ زخمي، ڪنوار اسپتال پهچي وئي، بيڊ تي ئي نڪاح پڙهايو ويو. تفصيل موجب پنجاب جي شهر وزيرآباد ۾ هڪ نوجوان رضوان جي شادي رٿيل هئي، شادي کان هڪ ڏينهن اڳ رات جو گهوٽ جي حادثي ۾ ڄنگهه ٽٽي وئي جنهن سبب کيس اسپتال داخل ڪرايو ويو جڏهن ته ٻئي ڏينهن ماريا نالي ڪنوار شادي وارو وڳو پائي اسپتال پهچي وئي بعد ۾ ڊاڪٽرن جي اجازت سان بيڊ تي ئي سندن نڪاح پڙهايو ويو، نڪاح بعد جوڙي تصويرون پڻ ڪڍرايون، واضح رهي ته گهوٽ اٽلي مان شادي لاءِ آيوهو ۽ شادي بعد گهوٽ ۽ ڪنوار کي اٽلي وڃڻو هو.