هاڻي هوا ۾ اڏامڻ آسان، چين ۾ انوکو سسٽم متعارف

0
259

بيجنگ(دلچسپ نيوز) هاڻي هوا ۾ اڏامڻ آسان، چين ۾ انوکو سسٽم متعارف ڪرايو ويو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سياحن جا ميڙا لڳي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين جي فوجيان صوبي جي مشهور سياحتي مرڪز ۾ سسٽم متعارف ڪيو ويو، سسٽم تحت ماڻهن جي چيلهه کي تارن سان ٻڌي کين هوا ۾ اڏايو وڃي ٿو، ڪوبه شخص پنهنجي پسنديدا فلمي اداڪار جو روپ ڪري سگهي ٿو جڏهن ته کيس پنهنجي پسند جو لباس پڻ پارايو وڃي ٿو. ماڻهن جي ان فلمي انداز ۾ هوا ۾ اڏامڻ جون وڊيوز پڻ وائرل ٿي ويون، هوا ۾ اڏامڻ لاءِ هڪ اسسٽنٽ جو معاوضو رڳو20 ڊالرمقررڪيو ويو. ٻئي طرف هوا ۾ اڏامڻ واريون وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد سياحن جو وڏو انگ پهچڻ شروع ٿي ويو آهي جنهن سبب وڏا ميڙا لڳي ويا آهن. ماڻهو وڏي دلچسپي سان پهچي پنهنجي پنهنجي پسنديدا اداڪار جو روپ ڌاري هوا ۾ اڏامي رهيا آهن.