شھدادپور ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن مارجي ويو

0
185

شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيرسن مارجي ويو، شاهپورچاڪر ٿاڻي جي حد درگاھ اسماعيل شاھ وٽ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺ سلطان ڀاڻوجو واسي 60 ورهين جي پيرسن زرخان بگٽي کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش لاش سِمس اسپتال منتقل ڪيو، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، خبر ناهي ته زر خان کي ڪنهن گوليون هڻي قتل ڪيو، واٽ ويندڙن اطلاع ڪيو ته لاش روڊ تي پيل آهي.