سنڌ ۾ جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيندڙ نادرا عملدارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

0
236

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ وارو معاملو، ايف آئي اي ڪارروائي ڪري ڊفينس نادرا ميگا سينٽر جي ڊيٽا انٽري آپريٽر ۽ ايجنٽ سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ايف آئي اي جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن ۾ ڊيٽا انٽري آپريٽر عبدالعزيز عباسي، ايجنٽ معراج ۽ امين شامل، ايجنٽ امين افغاني آھي، ھن نادرا عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪيو، ايف آئي اي موجب معراج افغاني کان 30 ھزار ورتا، ھن وقت تائين نادرا ملازمن ۽ ايجنٽن سميت 13 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي.