شھدادپور (ن پ ا) ڏيڍ مهينو اڳ شاهپورچاڪر حيسڪو عملي جي مبينا لاپرواهي سبب بجلي جي پول تان ڪرنٽ ۾ فوت ٿيل نوجوان نثار کوسو واري ڪيس ۾ پوليس جاچ مڪمل ڪري چالان سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، چالان ۾ ڄاڻايو ويو ته ايس ڊي او الله ڏنو چانڊيو، لائين سپرنٽينڊنٽ صاحب خان عمراڻي ۽ اسسٽنٽ لائين مين نور احمد کوسو نوجوان کي گهرائي بجلي بند ڄاڻائي کيس ٽرانسفارمر مان تارون ڪاٽڻ لاءِ پول تي چاڙهيو، جنهن سبب هو ڪرنٽ ۾ فوت ٿيو، وڪيلن جي دليلن بعد عدالت پوليس جاچ رپورٽ کي رد ڪندي نئين سر جاچ جو حڪم ڏنو،