ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اين ڊي ايف سي منگهوپير سوسائٽي جي زمين تي قبضي خلاف درخواست تي بورڊ آف روينيو، ڊي سي ويسٽ ۽ ٻين کان هڪ مهيني ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت چيو آهي ته سينيئر آفيسر ايندڙ ٻڌڻي تي لاڳاپيل دستاويزن سان گڏ پيش ٿين، ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اين ڊي ايف سي 1987ع ۾ ملازمن  جي سوسائٽي ٺاهڻ لاءِ زمين خريد ڪئي هئي، 2011ع ۾ قبضا مافيا ملا ڄام جي نالي سان ڳوٺ ٺاهي ورتو آهي، هن چيو ته  عدالت گذريل ٻڌڻي تي قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪمن باوجود هن وقت تائين قبضو ختم ناهي ٿيو، جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سوسائٽيز جي زمينن تي قبضو ٿي رهيو آهي، ڳوٺ ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت ڇا پئي ڪري؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، عدالت چيو ته مختيارڪار ڳوٺ آباد ڪندڙن جي مڪمل سپورٽ ڪئي آهي، منگهو پير ۾ آفريدي نالي سان به ڳوٺ آهي، 45 سالن جي ماڻهو جي نالي تي به ڳوٺ اڏيل آهن ، پلاننگ ڪري ڳوٺ ٺاهيا پيا وڃن.